عمرڪوٽ (ڊ ر) عظيم ڏاھي، اديب دانشور، جسقم آريسر جي باني چيئرمين عبدالواحد آریسر جي 75 ھون سالگرھ جو جلسو عمرڪوٽ ويجھو آخري آرام گاھ وائوڙي انڙآباد ۾ منعقد ڪيو ويو، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، نياز ڪالاڻي، سورھيه سنڌي، تاج جويو سميت ڪارڪنن ريلي جي صورت ۾ مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙھي، ترانو پڙھي حاضري ڀري، جنھن بعد جلسي جي پنڊال ۾ ڪارڪنن سان گڏجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي اسلم خيرپوري چيو ته عبدالواحد آریسر سائين جي ايم سيد جي فڪر کي جھر جھنگ ڦھلائي قوم ۾ بيداري پيدا ڪئي، سنڌ ھن وقت مڪمل طور انتھاپسندن جي گھيري ۾ آھي جنھن کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت آھي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن جنھن کي جسقم رد ڪري ٿي، درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جا ڪيترائي ضلعا بنجر بڻجي ويندا، خطي تي جيت، جانور وڻ ٻوٽا ۽ فطرت سان لاڳاپيل شيون ختم ٿي ويندو تنھن ڪري جسقم آريسر ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي ھيڊ ڪواٽر ۾ بک ھڙتال ڪئمپون قائم ڪري ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، بک ھڙتال ڪئمپن جو آغاز 10 نومبر کان نوابشاھ مان ڪنداسين، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته عبدالواحد آریسر سائين جي ايم سيد جي فڪر جي حوالي سان شارح ھو ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ھو سائين جي ايم سيد جي فڪري جو سپھ سالار ھو، جيڪو پنھنجين تقريرن ۽ تحريرن جي آڌار تي سائين جي ايم سيد جي پيغام کي جيسين تائين جيئرو ھو ايسيتائين پھچائيندو رھيو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو ته اڄ ان شخصيت جو جنم ڏڻ آھي جنھن پوري زندگي قومي تحريڪ کي ارپي ڇڏي، عبدالواحد آریسر سائين جي ايم سيد جي فڪر کي واھڻ واھڻ وستي وستي ڦھلايو، ھن وڌيڪ چيو ته وفاق پاران سنڌ کي سڪائڻ لاءِ درياھ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن کي اسان رد ڪيون ٿا، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي، ساحلي پٽي بدين سجاول ۽ ٻيا علائقا سوڪھڙي جو شڪار آهن. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ کي ھڪ سازش تحت مذھبي انتھاپسندي ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، پر سنڌي ماڻھن سدائين اھڙن انتھاپسندي وارين سازشن کي رد ڪيو آھي، تقريب کي سورھيه سنڌي، ناز نوتڪاڻي، نواز شاھ ڀاڏائي، صالح آريسر، جي ايم نھڙي ۽ بين خطاب ڪيو، انھي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، پروگرام جي آخر ۾ نوجوان راڳي جواد فقير ۽ قومي راڳي سگھڙ جمن دربدر قومي گيت ڳائي جلسي ۾ شريڪ ماڻھن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جلسي جي پنڊال ۾ قومي ڪارڪنن مڪيش مانجھيراڻا پاران ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويو.