عمرڪوٽ (ڊ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، اياز سولنگي، پنھل جمالي، ابل حسن لطيفي، نريش ڪمار ۽ ٻين جھانھرو شريف پھچي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي بنا الزام ثابت ٿيڻ جي قتل ڪري لاش ساڙي تذليل ڪرڻ ناقابل معافي جرم آھي، جنھن جي اجازت نـ اسلام ٿو ڏئي نـ ڪو آئين ٿو ڏئي ھي کليل بربريت آھي، ھن واقعي جي جڏھن پھرين پوليس تحيقيقاتي رپوٽ اچي وئي آھي تـ پوليس کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آھي، ھن سڄي قتل ۽ شاھنواز جي خون کي لوڙھي حڪمرانن جي چوڻ تي سرڪاري پيرن حاڪمن جي پگھاردار مولوين انصاف جي گھرج رواداري ۽ سنڌ جي تھذيب تي حملو ڪيو آھي، هن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي ان ڪري انتھاپسندي کي ھٿي ملي آھي ، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڪي بـ اصل جوابدار گرفتار نـ ٿيا، هن چيو ته آخر ڪھڙا سبب آھن جو ھن قتل ڪيس ۾ گھربل ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻيا جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن.هن چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمينن، ڌاري آبادڪاري سميت اھم قومي معاملن تي ھلندڙ جھدوجھد جو رخ موڙڻ لاءِ امر ڪوٽ واقعو ڪرايو ويو ان کان پوءِ ھٿ سان سنڌ جو امن تباھه ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي .