بالي ووڊ (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن هوءَ تقريب ۾ سيٽي وڄائڻ تي ڪاوڙ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪاجول ۽ راني مکرجي طرفان پنهنجي ٻين ڪزنز سان گڏجي وڏي پئماني تي پوڄا جي تقريب ڪوٺائي هئي جنهن ۾ بالي ووڊ جي ناميارين شخيصتن شرڪت ڪئي.
پوڄا ۾ بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان جيا بچن به شريڪ ٿي جنهن سان ڪاجول ملاقات ڪئي، ٻئي ڪافي دير تائين ڳاليهون ڪنديون رهيون.
ڳالهين دوران اوچتو مسلسل سيٽي وڄڻ جو آواز اچي رهيو هو جنهن سبب ٻنهي کي پنهنجي گفتگو روڪڻي پئي.
ڪاجول کي اِها حرڪت انتهائي نامناسب لڳي جنهن جو اندازو سندس چهري جي بدلجندڙ تاثرن مان لڳائي سگهجي ٿو.
اداڪارا فوري طور پنهنجي ويجهو بيٺل سيڪيورٽي گارڊ کي چيو ته ” اِهو ڪير آهي؟ “ جيڪو سيٽي وڄائي رهيو آهي.
ڪاجول هٿ جي اشاري سان سيڪيورٽي گارڊ کي چيو ته ” جيڪو به سيٽي وڄائي رهيو آهي ان کي روڪيو، اِهو انتهائي نامناسب عمل آهي.
You might also like