اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف، جمعيت علماءِ اسلام، پ پ ۽ ن ليگ آئيني ترمين جي حوالي سان پنهنجا مسودا پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
خاص پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڀني اڳواڻن پنهنجي پنهنجي تجويز ڪيل آئيني مسودي تي خيالن جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، پ پ ۽ ن ليگ پنهنجو مسودو ڪميٽي ۾ پيش ڪيو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪميٽي جي ڪوشش هوندي ته سڀني جماعتن جو موقف ٻڌو وڃي، ڪوشش آهي ته 18هين ترميم جيان گڏيل مسودي تي متفق ٿي وڃون.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته مان دعا ٿو ڪيان ته بهتري ٿئي، يقين ٿو رکان ته دعائن جو وڏو اثر هوندو آهي.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ کوڙ تجويزون سامهون آيون آهن، سڀاڻي وري ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ مونجهاري جي ڪيفيت ختم ٿي وئي آهي، انهن ترميمن ۾ آهي ته جڊيشل ڪميشن جو اختيار ۽ فارميشن ڇا هجڻ گهرجي، انهن ترميمن ۾ آئيني عدالت جي قيام ۽ ججن جي ٽرانسفر بابت معاملا شامل آهن.
You might also like