اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ آئيني ترميمن لاءِ وقت گهري رهي آهي ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري انهن کي هڪ موقف تي اچڻو پوندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪميٽي ۾ سڀني جماعتن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، پ پ پنهنجو ڊرافٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو، حڪومت به وڪيل تنظيمن سان ٿيندڙ مشاورت کان آگاهه ڪيو، منهنجي ڪوشش هوندي ته سڀني جماعتن کي متفق ڪيان ۽ حڪومت جو گڏيل مسودو پيش ڪيان.
هن چيو ته قانون واري وزير وڪيلن جون تجويزون پيش ڪيون، ڪميٽي ۾ حڪومت جون تجويزون به آيون، مولانا فضل الرحمان موقف ورجايو ته هو پ پ کي شامل ڪري مسودو ڏيڻ چاهين ٿا، مان به اهو ئي موقف ورجايو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي، قانون واري وزير واضح ڪيو ته حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، ان باوجود ٻين جماعتن جي اتفاق سان گڏيل ترميم جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان سدائين عوام جي ڀلائي ۽ عوامي خدمت لاءِ قانون سازي ڪئي، اسان طئي ڪيو آهي ته ايس سي او اجلاس کان اڳ ترميم نه ايندي، پي ٽي آءِ وارا هڪ پاسي ترميمن تي مشاورت لاءِ وقت گهري رهيا آهن ته ٻئي پاسي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ائين ڪم نه هلندو، پي ٽي آءِ کي هڪ موقف تي اچڻو پوندو.
پي ٽي آءِ ترميمن لاءِ وقت پئي گهري ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهي آهي، کين هڪ موقف تي اچڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like