تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف داخل درخواستن تي لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پشاور هاءِ ڪورٽ ٽن صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته آئيني ترميمن خلاف داخل درخواستون لارجر بئنچ ٻڌندي.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته درخواستن ۾ آئيني سوال آهن، آئيني تشريح جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس ٿا جاري ڪيون.
پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواستگذار جي وڪيل موجب وفاقي حڪومت آئيني ترميمون ڪري رهي آهي ۽ تجويز ڪيل آئيني ترمين ۾ عوام بنيادي اسٽيڪ هولڊر آهي پر آئيني ترميم ۾ عوامي راءِ شامل نه ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواستگذار موجب 18هين ترميم ۾ مسودو پبلڪ ڪيو ويو هو.
عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.