ساهيوال (و يب ڊيسڪ ) داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ حملي جا گرفتار 2 دهشتگرد ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن کي سڪيورٽي خدشن سبب ساهيوال جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته گرفتار دهشتگردن کي ڇڏائڻ لاءِ سندن ساٿين پوليس تي فائرنگ ڪئي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ساهيوال سمندري روڊ ويجهو پيش آيو، حملو ڪندڙن جي فائرنگ سبب گرفتار ٻئي دهشتگرد مارجي ويا.
داسو حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.
واضح رهي ته 14 جولاءِ 2021 تي داسو حملي ۾ 9 غير ملڪين سميت 13 ماڻهو مارجي ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.
داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ حملي جي ماسٽرمائينڊ سميت 2 دهشتگرد ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
You might also like