قومي سيلڪشن ڪميٽيءَ جي ٻيهر جوڙجڪ، ميمبرن جا نالا سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پپاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي ) قومي سليڪشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي سي بي ذريعن موجب، سليڪشن ڪميٽي جو باضابطا اعلان جلد ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد ۽ اظهر علي کي سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ اڳوڻي آءِ سي سي امپائر عليم ڊار کي به سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻايو ويندو، جڏهن ته حسن چيما ڊيٽا اينالسٽ طور ڪميٽي ۾ شامل هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد کي ڪنوينر ۽ اڳوڻي ڪپتان اظهر علي کي يوٿ ڊولپمينٽ جي ذميواري ڏيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته محمد يوسف ٻه هفتا اڳ سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، سليڪشن ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.