وزيراعظم پاران دڪي حملي جي مذمت، واقعي جي رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ڪوئلي جي کاڻن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل پورهيتن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم، واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته هو هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.