بلوچستان:ڪوئلي جي کاڻن تي هٿياربندن جو حملو، 20 پورهيت مارجي ويا

دڪي(ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، رات دير سان دڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خير الله جي ڪوئلي جي کاڻن تي هٿياربندن راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي.
حملي ۾ عبدالمالڪ، مولا داد، سيد الله، جلال خان، فضل، روزي خان، نصيب الله، سميع الله، عبدالله، ملنگ، حمد الله، عبدالولي ۽ حيات الله سميت 20 پورهيت مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن جو تعلق پشين، قلعه سيف الله، زوب، مسلم باغ، موسيٰ خيل، ڪچلاڪ ۽ افغانستان سان آهي.
اطلاع ملڻ بعد پوليس، ايف سي ۽ ٻين واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
ڪوئلي کاڻ جي مالڪ حاجي خير الله جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻن جي ڏهن مشينن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم پاران دڪي حملي جي مذمت، واقعي جي رپورٽ طلب
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته هو هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل پورهيتن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم، واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته هو هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.
دهشتگردن کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دڪي ۾ پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
وڏي وزير چيو ته دهشتگردن جي ايجنڊا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، پورهيتن کي سافٽ ٽارگيٽ سمجهي نشانو بڻايو ويندو آهي، دهشتگرد بزدل آهن.
ڪوئيٽا ۾ شهرين جو ڌرڻو
پورهيتن جي مارجڻ واري واقعي خلاف دڪي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
وارثن ۽ شهرين پاران مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.