پي ٽي ايم جرڳي لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن تي پوليس جي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي

پشاور/ اسلام آباد (م ڊ) پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) الزام لڳايو آهي ته خيبر ضلعي ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پشتون قومي جرڳيءَ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن تي پوليس جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا، پي ٽي ايم جو چوڻ آهي ته پوليس جي فائرنگ ۾ خيبر گرائونڊ ۾ ٽي ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ حامي مارجي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سندن هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ۾ هڪ شخص زخمي ۽ ٻيو بيهوش ٿي ويو، ٻئي طرف پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس  جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته پي ٽي ايم ۽ سڪيورٽي اهلڪارن ۾ جهيڙي کانپوءِ 3 لاش ۽ 10 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته پاڪستان حڪومت پي ٽي ايم کي پابندي مڙهيل تنظيم قرار ڏئي چڪي آهي. اهو فيصلو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن پشتونن جي تحفظ لاءِ سرگرم تنظيم خيبرپختونخواهه ضلعي ۾ 11 آڪٽوبر تي جرڳا ڪرڻ واري آهي.ٻي پاسي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ ۾ متوازي عدالتي نظام جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، پابندي مڙهيل پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) سان گڏ ويهڻ وارن جا به شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا.هن چيو ته پي ٽي ايم پاران رياستي ادارن ۽ پوليس کي گاريون ڏنيون ويون، اسان کي جرگيءَ تي ڪو به اعتراض ناهي، عدالت قائم نٿي ٿي سگهي، هزارين ماڻهن کي آڻڻ جرڳا ناهي، محسن نقوي چيو ته پي ٽي ايم کي ٻن سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن کي به فساد ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ڪنهن به حالت ۾ فسادي کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اهو نٿو ٿي سگهي ته توهان ظلم ڪيو ۽ رياست خاموش رهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته رياست خلاف ڪم ڪريون ۽ اسان خاموش رهون.محسن نقوي چيو ته پي ٽي ايم جي ڊاڪيومينٽري ڀارتي ڪمپني ٺاهي هئي، پي ٽي ايم تي حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.