منظور پشتين ۽ ماهه رنگ بلوچ خلاف ڪاررواين سان رياست خلاف ڪاوڙ وڌندي

اسلام آباد(اعزاز سيد)ڪي پي ۾ قتل غارت خلاف جولاءِ 2014ع ۾ منظور پشتين ۽ هن جي ساٿين محسود تحفظ موومينٽ جي نالي سان تنظيم ٺاهي هئي جنهن کي بعد ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جو نالو ڏنو ويو،انهن جي 6 مطالبن ۾ عدالتن کان مٿانهان قتل روڪڻ،علائقن ۾ وڇايل بارودي سرنگهون ختم ڪرڻ،لاپتا ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ،جنگ ۽ تشدد کان متاثر خاندانن کي معاوضو ڏيڻ،ڪي پي ۾ دهشت گردي خلاف جنگ ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جو احتساب ڪرڻ  ۽پشتونن جي عزت بحال ڪرڻ شامل آهن،پي ٽي ايم وارا احتجاج ۾ فوج، ڳجهين ايجنسين ۽ پوليس جا نaالا کڻندا آهن،انهن تي را ۽ افغانستان کان مدد وٺڻ جا الزام آهن، حقيقت ۾ ته پي ٽي ايم وارا طالبان جي مخالفت ڪن ٿا بلڪه انهن جو الزام آهي ته سيڪيورٽي فورسز وارا ڪجهه طالبان گروپن جي پٺڀرائي ڪن ٿا،منظور پشتين يونيورسٽي جو شاگرد اڳواڻ ۽ ترقي پسند خيال رکي ٿو،وفاقي گهرو وزارت ان تنظيم کي دهشت گرد قرار ڏئي پابندي مڙهي ڇڏي،پر سوال اهو ٿو اڀري ته پي ٽي ايم خلاف پرڏيهي فنڊنگ جا ڪهڙا ثبوت آهن؟حڪومت اڃا تائين پي ٽي ايم تي پابندي جو ڪو به جواز فراهم ناهي ڪري سگهي،12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ پشتون جرڳي کان اڳ مبينه طور پوليس اتي پي ٽي ايم جا 3 ڪارڪن شهيد ڪري ڇڏيا،ان واقعي تي سيڪيورٽي فورسز،اسٽيبلشمينٽ،ڳجهين ايجنسين خلاف ڪاوڙ وڌندي، توهان ٽي ٽي پي نه پر قوم پرستن سان وڙهي رهيا آهيو،اهي ويڙهه وارا نه پر قانوني دليلون رکندڙ ماڻهو آهن، انهن هڪ گملو به ناهي ڀڳو،اي اين پي،پي ٽي آءِ،جماعت اسلامي، ڪي پي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرن به پي ٽي ايم تي پابندي جي مخالفت ڪئي آهي،ٻئي پاسي بلوچستان ۾ مقبول اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي آمريڪا وڃڻ کان روڪڻ تي آمريڪا جو به ردعمل اچي ويو آهي، ترجمان چيو ته اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي رهيا آهيو،اها زديادتي اسان نوٽ ڪري رهيا آهيون،ماهه رنگ ۽ منظور پشتين جي مطالبن تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر رياست انهن کي ڌڪو ڏئي رهي آهي،جيڪڏهن انهن جي ماڻهن به طالبان وانگر هٿيار کڻي ڇڏيا ته رياست جا مسئلا وڌندا،اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي فيصلا سازن کي ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي،”هي جيڪا دهشت گردي آهي ان جي پٺيان وردي آهي“ ان نعري جي ضرورت ڇو پيش آئي؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آوز، خميس 10 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.