چيمپيئنز ٽرافي: ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جون تياريون زور شور سان جاري آهن ان دوران ميگا ايونٽ جي فائنل ميچ بابت مختلف خبرون گردش ڪري رهيو آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئز ٽرافي جي فائنل لاءِ جيڪڏهن ڀارتي ٽيم ڪواليفاءِ ڪندي ته ايونٽ جو فائنل لاهور بدران دبئي منتقل ڪري سگهجي ٿو.
ايندڙ سال 19 هين فيبروري کان نوَ مارچ تائين پاڪستان ۾ رٿيل ٽورنامينٽ جي وينيوز جي تصديق ٿي چڪي آهي، پر شيڊيول جو باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو ڇو ته ڀارتي بورڊ ۽ حڪومت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪاري آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ طرفان اهڙا اشارا ملي رهيا آهن جنهن کانپوءِ اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي، ڀارت آخري ڀيرو 2008ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.
رپورٽس موجب، چيمپيئنز ٽرافي جو فانل نوَ مارچ تي لاهور ۾ شيڊيول آهي پر دبئيءَ کي بيڪ اَپ وينيو طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن سبب ٽيمن، ميچ آفيشلز، ميڊيا ۽ شوقينن لاءِ لاجسٽڪ چئلينجز پيدا ٿي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيمپيئنز ٽرافي جون سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ٽن وڏن اسٽيڊيمز جي اَپ گريڊيشن جو ڪم پرڻ تيزيءَ سان جاري آهي.
واضح رهي ته 1996ع واري عالمي ڪپ کانپوءِ کانپوءِ پاڪستان ٻيو ڀيرو ڪنهن آءِ سي سي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي جو آخري ايڊيشن 2017 ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان سرفراز احمد جي قيادت ۾ ڀارت کي شڪست ڏني هئي.
هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ برطانوي اخبار طرفان ميگا ايونٽ جو فائنل لاهور کان دبئي ۾ منتقل ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.