اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ احتجاج جي آڙ ۾ شدت پسندي ڪندڙ وڌيڪ افغان شهرين جا اعترافي بيان سامهون اچي ويا.
افغان شهري عبدالقادر ٻڌايو ته هو پشاور ۾ مزدوري ڪندو آهي، پشاور ۾ هڪ شخص اسان ٻن ڄڻن کي 5 هزار رپيا ڏنا، جاويد اسان کي اهي هڪ ڏينهن جا پئسا ڏنا، اسان کي چيو ويو ته جلوس ۾ وڃي ڀڃ ڊاهه ڪيو.
امانت نالي شهري ٻڌايو ته مان افغانستان مان آيو آهيان ۽ محنت مزدوري ڪندو آهيان، جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ کان پئسو وٺي غلط ڪم ڪندا آهن اهي نه ڪن.
افغان شهري مدثر پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ وارن پئسا ڏنا ته اسلام آباد ۾ باهه لڳايو، اسان کي چيو ويو ته ماڻهن جون موٽر سائيڪلون ڀڃون ۽ گهرن کي به باهه ڏئي ڇڏيو، هاڻ اسان ٿاڻي ۾ آهيون ۽ ڪير به ضمانت ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي.
هڪ ٻئي افغان شهري نور الدين ٻڌايو ته پي ٽي آءِ وارن اسان کي ٻه کان ٽي هزار رپيا مزدوري ڏني ۽ چيو ته اسلام آباد ۾ جلسي دوران افراتفري پکيڙيو، گاڏين کي باهه ڏيو، افغان ڀائرن کي درخواست آهي ته حق حلال جي روزي ڪن.
You might also like