پاڪ فوج افغان فورسز جي جارحيت جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان طرفان پاڪ-افغان بارڊر نوشڪي غزنالي سيڪٽر ۾ افغان فورسز جي جارحيت کي ناڪام بڻايو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان فورسز پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي، پاڪستان جوابي ڪارروائي ۾ افغان پوسٽن کي نشانو بڻايو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ جو واقعو پاڪ افغان سرحد تي ان وقت پيش آيو جڏهن پاڪستاني فورسز ڪنڊيدار تار جي مرمت ڪري رهي هئي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اثرائتي ڪارروائي ڪندي افغان فورسز خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن سبب افغان فورسز کي وڏو نقصان پهتو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رکندو.
سڪيورٽي ذريعن موجب افغان فورسز طرفان پهريان به بنا ڪنهن سبب جي جارحيت ڪئي وئي هئي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي علائقائي سالميت تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندي.
سڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان طرفان اهڙي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.