سون اگهه ۾ مسلسل لاٿ، هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون ٽي هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 71 هزار ست سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2572 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 32 هزار 393 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 30 ڊالرز لاٿ بعد 2 هزار 6 سئو 17 ڊالرز ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.