ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي پريس ڪلب آڏو استاد جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. تفصيل مطابق آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھري ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوار جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاھرين پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويوتھ جيڪڏهن کين آفر ليٽر نه ڏنا ويا ته ريڊ زون ۾ داخل ٿي سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.