ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاور ڊپارٽمينٽ جي وائرنگ ٽيسٽ رپورٽ ۽ ورڪ مڪمل ٿيڻ واري رپورٽ (ڊبليو سي آر) ۾ جعلسازي ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاور ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙي وڃي جيڪا گڏيل طور تي ڪريڪ ڊائون مانيٽرنگ ۽ ايڪشن جي ذميداري هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي مصدق احمد خان، ڊائريڪٽر جنرل پاور نند لال شرما، ايڊيشنل سيڪريٽري محبوب علي سيال ۽ سمورن ڊويزنن جي اليڪٽرڪ انسپيڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي کاتي پاران ڪي اليڪٽرڪ کي جمع ڪرايل ورڪ ڪميشن رپورٽ ۽ وائرنگ ٽيسٽ رپورٽ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي جعلي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پاور ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل آفيسرن جون جعلي مهرون ۽ جعلي دستخطون ٺهي رهيون آهن جعلي سرٽيفڪيٽن جو جاري ٿيڻ صارفن جي لاءِ تمام گهڻو خطرو آهي. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 2003ع کان سالياني انسپيڪشن جو ڪم بند آهي جنهن سبب بجلي جون غير معياري تارون لڳائڻ سبب گهرن، ڪمرشل ۽ فيڪٽرين ۾ باهه لڳڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته اليڪٽريڪل وائرمينن ۽ اليڪٽريڪل سپروائيزرن جا لائسنس جاري ڪرڻ ۽ امتحانن جي طريقيڪار کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي