اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ناڻي جي بچت لاءِ ٻن وزارتن کي ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
آبي وسيلن واري وزارت جي ذريعن موجب وفاقي حڪومت توانائي وزارت ۽ آبي وسيلن واري وزارت کي هڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي وزارتن کي ضم ڪرڻ جي سمري تياري جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ انرجي، واپڊا ۽ اين ٽي ڊي سي سميت سمورا ذيلي ادارا گڏ ٿي سگهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي وزارتون اڳ به گڏ ڪم ڪنديون رهيون آهن، انهن جو وزير ۽ سيڪريٽري به هڪ ئي هوندو هو، هاڻ هڪ وزارت ٿيڻ سان ساليانو اربين رپين جا خرچ بچي ويندا، جڏهن ته واڌو اسٽاف ۽ ٽرانسپورٽ کي به گهٽ ڪري سگهبو.
وفاقي ڪابينا ڪيترين ئي ٻين وزارتن کي به ضم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
You might also like