ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته احساس محرومي جو شڪار بلوچ نوجوان آپگهات ڪرڻ بدران آپگهاتي حملا ڪري رهيا آهن، حب چوڪي ۾ ورڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن مير ڪبير، رجب علي رند، اسلم بلوچ، ياسيمين لهڙي ۽ ٻين چيو ته بلوچستان جي پسماندگي، بدحالي، ناانصافي ۽ قومي محڪومي ۽ احسان محرومي ان حد تائين پهچي وئي آهي جو نوجوان هاڻي آپگهاتي بمبار بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته حڪمران مسئلا حل ڪرڻ بدران بيان بازي ڪري رهيا آهن جنهن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، سماج ۾ بيچيني ۽ انتهاپسندي تيزي سان وڌي رهي آهي.