لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ واپاري کان ڦر جي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين سڀاڻي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شھر جي نظر محلا ۾ واپاري حسين علي ککراڻي کان لکين رپين جي ڦر بعد پوليس پاران تدارڪ نه ٿيڻ خلاف محلي جي معززن جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ چيو ويو ته حسين بخش ککراڻي جي دڪان تان ٿيل لکين رپين جي ڦر بعد ٻه ھفتا اڳ ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو هو، جنھن بعد پوليس ڪارروائي جي خاطري ڪرائي هئي پر ڪجهه ناهي ٿيو.
دڪاندار حسين علي ککراڻي، مشتاق ککراڻي، اويس ابڙو، زبير تنيو، جميل لاڙ، علي مرتضيٰ ابڙو، ساقي صوبدار کوسو، علڻ ککراڻي ۽ ٻين چيو ته سڀاڻي 11 وڳي احتجاجي ريلي ريلي ڪڍي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جيستائين انصاف نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.
لاڙڪاڻو: واپاري کان ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سڀاڻي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان
You might also like