ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي بلوچ قومپرست اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، ذريعن موجب ماهه رنگ بلوچ پرڏيهي ايئر لائين ذريعي آمريڪا وڃڻ چاهي پئي پر سندس نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هجڻ ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، ان حوالي سان ماهه رنگ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي ٽائم ميگزين گالا ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيويارڪ وڃڻو هو پر مون کي ڪو ٺوس ڪارڻ ٻڌائڻ بنا وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جيڪو عمل بنيادي حق جي ڀڃڪڙي آهي.