طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن ( م ڊ )  دنيا جي سڀ کان معتبر انعام ڏيڻ واري ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته  طب جو نوبل انعام ٻن مرد آمريڪي سائنسدانن کي ڏنو ويندو، انهن ماهرن کي هن سال ڊسمبر ۾ انعام ۽ رقم ڏني ويندي.نوبل ڪميٽي موجب دوائن جو انعام وڪٽر ايمبروز ۽ گيري روڪن کي سندن جينياتي تحقيق تي ڏنو پيو وڃي. ٻنهي سائنسدانن انساني جينز تي تحقيق ڪئي ۽ معلوم ڪيو ته انساني جينز خراب ٿيڻ سان ڪهڙيون بيماريون پيدا ٿينديون آهن ۽ انساني صحت تي ڪيترو اثر پوندو آهي .

  1. ڪراچي پريس ڪلب پاران غزا ۾ شهيد صحافين کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر). ڪراچي پريس ڪلب طرفان فلسطين خلاف ڪيل اسرائيل جي جارحانه جنگ ۾ شهيد ٿيل صحافين جي خاندانن، زخمي ٿيل صحافين سان يڪجهتي لاءِ ڪلب جي صدر سعيد سربازي، جنرل سيڪريٽري شعيب احمد، پي ايف يو جي، جي قائم مقام صدر خورشید عباسي،ڪي يو جي، جي سيڪريٽري سردار لياقت علي، نواب قريشي، ذوالفقار راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي مکيه دروازي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته اسرائيلي دهشتگردي جي پويان آمريڪا ۽ برطانيا جو هٿ آهي، جنهن ۾ صحافين کي پنهنجو پروفيشنل ڪم ڪندي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي صحافي زخمي پڻ ٿي چڪا آهن، جنهن جي خلاف اقوام متحدہ سميت سمورا عالمي ادارا خاموش آهن، جنهن جي مذمت ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.