ميرپورخاص/عمر ڪوٽ (رپورٽ: صالح اوٺو+جي ايم مهر) سنڌڙي ڀرسان جڙتو پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان پوليس ڳجهي اطلاع تي پنجاب جي علائقي قصور ۾ ڇاپو هڻي سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، پوليس اهلڪارن غلام قادر، فرمان علي ۽ نادر پرويز سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس ذريعن موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران ڊي آءِ جي ميرپورخاص محمد زبير دريشڪ جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايس پي شهيد بينطيرآباد تي ٻڌل جاچ ٽيم جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل ٽيم جي ميمبرن ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي، فضل الحق چانڊيو ۽ سي آءِ اي انچارج رحيم کوسو تي ٻڌل ٽيم موبائيل فون جي لوڪيشن ۽ ڳجھي اطلاع تي پنجاب پوليس جي سهڪار سان قصور ۾ ڇاپو هڻي جوابدارن کي گرفتار ڪري ميرپورخاص آڻي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. پوليس ذريعن موجب پنجاب مان گرفتار ڪيل جوابدارن کي سڀاڻي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري جوابدارن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي،
-
جاچ ايف آءِ اي حوالي، وارثن ۽ پٽيشنرن جي تحفظ جو حُڪم
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان مٿانهين قتل جي حوالي سان وڪيل اصغر ناريجو جي داخل ڪيل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو ٻڌڻي ڪئي، پٽيشنر پاران عدالت کي ڪيس جي جاچ پوليس بدران ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ ۽ پٽيشنرن سميت ڊاڪٽر جي ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي جنهن تي عدالت پٽيشنرن ۽ وارثن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ حُڪم جاري ڪندي ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ايندڙ 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان پٽيشنر وڪيل اصغر ناريجو ٻڌايو ته ٻڌڻي دوران عدالت کي اسان سميت وارثن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ شامل ڪيل قلمن کي ڏسندي ڪيس جي جاچ ضلع پوليس بدران ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ ۽ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي هئي جنهن تي عدالت اسان کي ۽ ڊاڪٽر جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪندي ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ بحث ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل جو هي واقعو هاڻ هاءِ پروفائل ڪيس بڻجي چڪو آهي، ان تي پوري دنيا جي نظر آهي، اسان جي جدوجھد جوابدارن کي سزا ۽ وارثن کي انصاف جي فراهمي تائين جاري رهندي.
-
جنهن اتحاد ۾ جي يو آءِ شامل هوندي ان جو حصو نه بڻجنداسين: جيئي سنڌ محاذ
حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي ٻه ڏينهن هلندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته زمينن تي قبضن، سنڌو درياھ تي 6 ڪئنالن واري فيصلي، ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي جدوجهد تيز ڪئي ويندي، اڳواڻن چيو ته اسان جي زراعت، تعليم. صحت. روزگار ۽ اسٽرڪچر ختم ٿي رهيو آھي آزاد عدليا ۽ پارليامينٽ لاءِ هنن جو تصور اهو آھي ته ڪرپشن ۽ مارشلائيت جو راج رهي،اجلاس ۾ چيو ويو ته جي يو آءِ قيادت جو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل تي سندن موقف افسوس ناڪ آھي،جيئي سنڌ محاذ اهو واضع ڪري ٿو ته جيستائين جي يو آءِ ڊاڪٽر شاهنواز عدالت کان مٿانهين قتل جي مذمت نٿي ڪري هاءِ ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ هن واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو نٿي ڪري ۽ سنڌ ۾ آيل غيرملڪي افغانين. بنگالين بهارين ۽ غيرقانوني آيل لوڌين جي نيڪالي جي حمايت نٿي ڪري تيستائين اسان اهڙي ڪنهن اتحاد ۽ جدوجهد جو حصو نه ٿينداسين جنهن جي يو آءِ شامل هجي
-
عمرڪوٽ واقعي ۾ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي:نثار کهڙو
ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کھڙي 18هين آڪٽوبر تي پ پ جي حيدرآباد ۾ اعلانيل جلسي عام جي تيارين جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي رهائش گاھ تي پ پ ضلعي ٺٽي جي سڏايل جنرل باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ اندر جمهوري نظام کي پٽڙي تي هلائڻ ۽ نئين آئيني ترميم واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آھي ۽ اسانکي ايوان ۾ اڪثريت حاصل ڪري ترميمون ڪرائڻ لاءِ ٻين سياسي جماعتن جي ضرورت آھي جنهن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري دانشمندي سان ڪم ڪري رهيو آھي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان هڪ سمجهدار نظرياتي سياسي اڳواڻ آھي کانئس آئيني ترميم لاءِ مدد وٺڻ ڪو ڏوھ ناهي هن وڌيڪ چيو ته ترميم سازي کي جواز بڻائي ملڪ جي راڄڌاني تي ڪاھ ڪرڻ ۽ انتشار ڦھلائڻ ڪھڙي روايت آھي هن عمر ڪوٽ واقعي واري سوال جي جواب ۾ چيو ته عمر ڪوٽ پوليس تحويل ۾ ٿيل قتل واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري پوليس جي اعليٰ عملدارن کي به معطل ڪيو ويو آھي ۽ سندن واضح موقف آھي ته ڪنهن به مذھبي فرقيواريت بدران آئيني جمهوري ۽ قانوني رستو ورتو وڃي.
-
پير عمر جان سرهندي اي ٽي سي ۾ پيش، وڌيڪ 5 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس ۾ نامزد پير عمرجان سرهندي هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص مان 29 سيپٽمبر 2024 تي 10 ڏينهن جي ضمانت حاصل ڪرڻ بعد گذريل ڏينهن ميرپورخاص واري دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت جوابدار پيرعمرجان سرهندي پاران ضمانت جي استدعا تي جوابدار جي 5 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي
-
اڳوڻو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ اسد چوڌري اڃا تائين روپوش
ڪنري (ت ر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس جوابدار ڄاڻايل اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان ڏھ ڏينھن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، ھڪ لک عيوض ڏھ ڏينھن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ايڊوڪيٽ رياضت علي سحر آصف بلوچ جي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي،جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي ۽ اڳوڻو ايس ايس پي اسد چوڌري ھيل تائين روپوش آھن.