حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ھاري ھلچل جي باني اڳوڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 123 ھين سالگرھ جي تقريب ۾ ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن پروفيسر امداد چانڊيو، غفرانه آرائين، ڪامريڊ محبوب حيدر جتوئي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ جاني خاصخيلي، اديب محسن جويو، اشوڪ راماڻي ۽ ٻين باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 123 ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي سندس تصويرن مٿان گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪامريد حيدر بخش جتوئي ھارين ۽ پورھيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ان وقت ڪليڪٽر جي ڪرسي کي به لت ھڻي ڇڏي. اھڙا ماڻھو سنڌ جا اصل ھيرو آھن. اڄ جي دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ ھارين ۽ پورھيتن جو استحصال ٿي رھيو آھي. ڪروڙين ھارين بنيادي حقن کان محروم بڻيل آھن. ان لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجھد واري واٽ تي ثابت قدمي سان ھاري ھلچل تحريڪ ھلائڻ جي ضرورت آھي،هنن چيو ته سنڌ جون زمينون ڌارين جي حوالي ڪري اصل ڌرتيء ڌڻين کي غربت ۾ ڌڪي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش واري منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ ۽ سياسي توڙي سول سوسائٽي جي آواز کي دٻائڻ لاء سنڌ اندر شدت پسنديء کي ھٿي ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ھزارين سالن جو سنڌين جو تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي وطن آھي. ان جي وحدت توڙي رواداري روايتن تي وار برداشت نه ڪيو ويندو.