غزا تي اسرائيلي حملن کي سال مڪمل، 42 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا

غزا سٽي (م ڊ) غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ زميني ۽ فضائي حملن کي هڪ سال پورو ٿي ويو. هڪ سال دوران 42 هزار فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن ۽ آمريڪا سميت عالمي برادري جون دعوئون سکڻيون ثابت ٿيون جيڪي خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا. 7 آڪٽوبر تي حماس اسرائيل ۾ ڪارروائي ڪئي هئي جنهن ۾ 350 کان وڌيڪ اسرائيلي  فوجين سميت 1200 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم ان ڪارروائي دوران 250 ڄڻن کي يرغمال به بڻايو هو. ان ڪارروائي کانپوءِ اسرائيل غزا تي فضائي حملن جو سلسلو شروع ڪيو هو ۽ پوءِ ان کي تيز ڪندي زميني ڪارروائي به شروع ڪئي جتي هڪ سال گذري وڃڻ باوجود اسرائيلي ظلم جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.