ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ڪاميٽي پاران باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي 123هين سالگره جي موقعي تي ڪالهه سنڌ هاري حقدار ڪانفرنس ڪراچي پريس ڪلب ۾منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي ساٿي ڪامريڊ روچي رام، مشھور معاشي ماھر قيصر بنگالي، روزاني ھلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مھر، قانوندان جاويد قاضي، مزدور اڳواڻ ڪامريڊ ناصر منصور، ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي، ڪامريڊ زهريٰ خان، ادريس جتوئي، ميڊم حميده گهانگهرو، ادريس چانڊيو، مزدور اڳواڻ عبدالرحيم، نهال عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس فڪر تي جدوجهد کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو ته باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي پنهنجي سرڪاري نوڪري کي لت هڻي سنڌ ۽ ايشيا ۾ هارين لاءِ تاريخي جدوجهد ڪندي نتيجا حاصل ڪيا، 1950ع ۾ ٽينيسي ايڪٽ منظور ڪرايو ۽ اڌ بٽئي تحريڪ زبردست هلچل هلائي. هنن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري سجاڳي واري تحريڪ ختم ناھي ٿي، پر اھا چڻنگ دکي رھي آھي، جيڪا وقت اچڻ تي ڀڙڪي پوندي. ھنن چيو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم بعد ڇهھ ڪئنال تعمير ڪرڻ سان سنڌ ته سوڪھڙي جو شڪار ٿيندي پر ڪراچي شهر کي به پيئڻ لاءِ پاڻي نھ ملي سگھندو، جنھن خلاف سنڌ جي سڀني ڌرين کي گڏجي تحريڪ ھلائڻ گھرجي. ھنن چيو تھ سنڌ جي صوفي ڌرتي کي مذھبي انتھاپسندي طرف ڌڪي مذھبي وڳوڙن تحت سنڌ کي تباھ ڪرڻ جي مڪروھ سازش ڪئي وئي، جنھن کي سنڌ واسين بروقت ناڪام بڻائي ڇڏيو، سڀني کي اھو ياد رکڻ گھرجي تھ سنڌ جا ماڻھو پنھنجي مذھب سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا، اھو ئي سبب آھي جو آخري پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم کي حضور جي لقب سان پڪاريندا آهن، ھنن چيو تھ افسوس ٿئي ٿو تھ مولانا راشد محمود سومرو بھ سنڌ ۾ ٿيندڙ مذھبي انتھاپسندي وارين سازشن جو ساٿاري بڻجي رھيو آھي، ان ڪري سنڌ ڌرتي جي فرزند جي حيثيت ۾کيس سوچڻ گھرجي. ھنن وڌيڪ چيو تھ سنڌ جا وسيلا نيلام ڪرڻ لاءِ حڪمران سازشون سٽيندي سنڌ دشمن پاليسي تي عمل ڪري رھيا آھن، هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو تاريخي ورثو آهي، سنڌ جا ماڳ مڪان وڪڻڻ لاءِ وڏيرا اسٽيبلشمينٽ جاونگارو بڻجي پنھنجي ئي ڌرتي سنڌ سان غداري ڪري رهيا آهن، ڪارونجهر جي ڪٽائي رڳو پٿر جي ڪٽائي ناهي، پر سنڌين جي دلين تي ڌڪ هڻڻ برابر آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنھن بھ صورت ۾قبول نه ڪنداسين. هنن چيو ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ادارن حوالي ڪرڻ سنڌ جي هارين سان ظلم آهي، جنھن تحت ڌرتي ڌڻين جو حق ناجائز طريقي سان ڦٻائي زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ جي خلاف آهيون، جنھن خلاف جدوجھد جاري رھندي. هنن چيو ته ارسا ايڪٽ پاس ڪري سنڌو درياءَ تي مڪمل قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي، ارسا ترميم سنڌ جي ماڻهن سان دشمني آهي، آئيني طور تي ارسا ترميم جائز ناهي، سنڌو دريا تي رڳو حق سنڌين جو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي مفلوج ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سازش تحت قبيلائي جهيڙن، مذهبي انتها پسندي واري پاسي ڏانھن ڌڪي انارڪي پکيڙڻ واري مڪروھھ سازش ڪري رھي آھي، ڌاڙيل راڄ حڪومتي نمائندن جو سنڌ جي ماڻهن کي ڏنل تحفو آهي، ڌاڙيل چونڊيل نمائندن جي بنگلن تي پلجن ٿا، ڌاڙيلن سميت سمورن ڏوھارين کي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ اسٽيبلشيمنٽ جي مدد حاصل آھي، ان ڪري ڏوھارين جي سھولتڪاري جي حوالي سان وڏيرن، سردارن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ملوث وڏيرن/سردارن ۽ اسٽبلشمينٽ جي ڪارين رڍن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. آخر ۾ قرارداد ۾ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ نون ڪئنالن، ڪارونجهر جي ڪٽائي، سنڌ جي زمينن جي نيلامي کي سنڌ دشمني قرار ڏيندي فوري طورتي اھڙي سازشي عمل کي بند ڪرڻ سميت هارين، مزدورن لاءِ خاص پيڪيج جي گهر ڪئي وئي.