پنو عاقل اغوا انڊسٽري بڻيل، هڪ هفتي اندر هڪ ٻيو نوجوان اغوا، انگ 5 ٿي ويو

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل مان وڌيڪ ھڪ ٻيو نوجوان اغوا ،جنھن کانپوءِ  اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي پنج  ٿي ويو،  تازو گم ڄاڻايل نوجوان نادر عالماڻي  جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي ، اغوا ڪارن پاران  ويڊيو جاري ڪري ڇڏيو ، نوجوان کي زنجيرن ۾ جڪڙي تشدد  ڪري ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان جي وارثن کان 70 لک ڀنگ طلب، خبرموجب پنوعاقل مان وڌيڪ ھڪ ٻي نوجوان کي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪري ورتو آھي ، جڏهن ته ڌاڙيلن پاران تعلقي پنوعاقل مان اغوا ڪيل مغوين جو انگ 5 ٿي ويو آھي،بائجي ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل نوجوان نادر عالماڻي جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي ،ڌاڙيلن پاران نوجوان  نادر عالماڻي جي پيرن کي زنجيرن سان جڪڙي  ويڊيو جاري ڪري وارثن ڏانھن موڪلي ڇڏيون آھن،جڏھن ته ڌاڙيلن مغوي جي واثن کان ستر لک ڀنگ به گھري ورتو آھي،ان کان پھريان پنوعاقل مان ڌاڙيلن چئن نوجوانن عبدالقدوس جسڪاڻي،افتخار جسڪاڻي  ،زبردست مھتم ۽ سخاوت علي کي اغوا ڪري رکيو آهي ۽ انھن جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران لکين روپين جو آزادي عيوض ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ،  جڏهن تہ اغوا ڪيل مغوين جي وارثن جي گھرن ۾ سوڳ جو ماحول ڇانيل آهي ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.