حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ رواداري ڪاميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گھانگھرو. عاليه بخشل ۽ حمزه چانڊيو عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي آفيس اچي اي جي پي جي مرڪزي صدر خادم ٽالپر، سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ لال شاھ، مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر سراج سيال. ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي. حريف چانڊيو. ايڊووڪيٽ ڪليم ملڪ. شير چانڊيو. گلاب راءِ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري 13 آڪٽوبر تي ڪراچي۾ ٿيندڙ سنڌ رواداري مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني. اي جي پي صدر مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي بيدردي سان ٿيل قتل سان انصاف ٿيڻ گھرجي ۽ قتل ۽ لاش ساڙيندڙ سمورن جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ھنن چيو ته مذھبي انتھا پسندي سنڌ لاء ناسور آھي سنڌ امن جي ڌرتي آهي جنھن کي ڪنھن دھشتگردي ۽ ملائيت جي ور چاڙهڻ نہ ڏنو ويندو.