عمرڪوٽ ( ڊ ر ) جمعيت علماءِ اسلام پاران عمرڪوٽ ۾ حرمت رسول ڪانفرنس جي عنوان سان جلسو ڪوٺايو ويو جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جلسي کي مولانا راشد محمود سومرو، شيعا اڳواڻ مولانا ارشاد علي عرفاني ۽ هندو پنڊت گيان پري مهراج،مولانا اسد الله کهڙو، مولانا يعقوب نعماني ۽ ٻين خطاب ڪيو، راشد محمود سومري چيو ته ھي حرمت رسول ڪانفرنس جو ھي اسٽيج مذهبي رواداري جو اسٽيج آهي جتي مختلف فرقن ۽ مختلف مذهبن جا عالم گڏ ويٺا آهن اسان سدائين محبت پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي اقليت جا دوست اسانجا ڀائر آهن انهن جو تحفظ ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي اسان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهون ٿا پر نبي ڪريم صلي الله وسلم جن جي شان ۾ ڪڏهن گستاخي برداشت نه ڪنداسين ھن چيو ته منهنجي بابا دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪئي آهي منهنجي جان به سنڌ ڌرتي لاءِ حاضر آهي اسان جو ڪنھن سان به جهيڙو ناهي ھن چيو ته ڪيترائي ماڻهو پوليس مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن سنڌ جي ڪچي ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز پيا اغوا ٿين، ان ظلم تي سڀ خاموش آھن ھن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي جهيڙا وڌائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن،هن چيو ته پوليس مقابلي ۾ ماڻهو مارڻ واري عمل کي سٺو عمل نٿا سمجهون گستاخ جي سزا ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي عدالتون ۽ ادارا پنهنجو ڪم ڪن ته اهڙا واقعا پيش نه اچن اڄوڪي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله وسلم جن سان محبت ڪن ٿا، 14 آڪٽوبر تي ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان مان قافلا نڪرندا ۽ ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيندا، حرمت رسول ڪانفرنس ٿيندي انھي موقعي تي اسد الله حيدري ، ارشاد علي عرفاني، غلام مجتبيٰ منڱريو، عبدالستار جوڻيجو، مولانا عمران ديوبندي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.