لطيف جي سنڌ تي گھڻ طرفا حملا پيا ٿين،ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي قبول ناهي: اياز لطيف

ٺٽو/ٻھارا/ميرپور ساڪرو(نمائندا)قومي عوامي تحريڪ ٺٽي جو ٻھارا شھر ۾ جشن لطيف جي عنوان سان جلسه عام ٿيو، جنھن ۾  ناميارو قانوندان، دانشور، ليکڪ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جلسه ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ضلعي آرگنائيزر ممتاز شيخ، حبيب الله پليجو، ياسر جاکرو، مصطفيٰ نظاماڻي، مرتضي لاشاري، وڪيو مير بحر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته  انتهاپسندي کي روڪڻ، ظلم ۽ جبر سان مقابلي لاءِ لطيف کي پڙھڻو پوندو. لطيف مايوسي مان نڪري اڳتي وڌڻ جو سڏ ڏئي ٿو. ھمٿ، بھادري، وڙھڻ ۽ مقابلي جو سڏ ڏئي ٿو. لطيف رواداري جو پيغام ڏنو آھي،هن چيو ته  سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت کي تڪراري بنائڻ وارين ڳالھين کي رد ڪريون ٿا. لطيف جي سنڌ تي گھڻ طرفا حملا ٿي رھيا آھن. گرين پاڪستان دراصل بنجر سنڌ منصوبو آھي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي ڪارپوريٽ فارمنگ تحت 48 لک ايڪڙ کان وڌيڪ پنجاب جي زمين آباد ڪئي ويندي. جيڪڏھن سنڌو درياھ تي زبردستي 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته  سنڌ جي ڊيمو گرافي تبديل ٿي ويندي. ڪراچي، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٻين ضلعن جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويندا،هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ سنڌ دشمن تبديلي قبول نه ڪئي ويندي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي،حڪمران  اقتدار عيوض ڪارونجھر، ڪوھستان، تيل، گئس، لکين ايڪڙ زمين ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھيا آھن،هن چيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جا لکين ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن. پوليس سھولتڪار ۽ خاموش تماشائي بڻيل آھي،  پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ سميت پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ميرٽ کي قتل ڪيو آھي،هن  چيو ته  سنڌ کي علم، ادب، سائنس جي ضرورت آھي، سنڌ جي لکين عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنايو پيو وڃي، حڪومت جون معاشي پاليسيون صرف حڪمران طبقي کي فائدو ڏئي رھيون آھن. پورھيت طبقو تيزي سان تباھي طرف وڌي رھيو آھي. مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ ميرٽ تي ڌاڙن کي لڪائڻ لاء ھٿرادو مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن. ممتاز شيخ چيو ته  ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي،حبيب ﷲ پليجي چيو ته  سارين جي ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. جلسي کي مرتضيٰ لاشاري، وڪيو ميربحر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.