سنڌ ۾ انتهاپسندي وڌائي پئي وڃي،مولوي فتوائن کان پاسو ڪن: قادر مگسي

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته  سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو تاريخي ۽ مادرِ وطن رھيو آھي، ان ڪري مذھب کي سياست کان الڳ ڪيو وڃي، سنڌ جي اندر ھٿ  وٺي تعليم تباھ ڪري پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا آھن ۽ مدرسن کي ھٿي ڏئي انتھاپسندي وڌائي پئي وڃي ، اسان مجموعي طور سنڌ جي اندر جمھوري، سيڪيولر ۽ ترقي پسند سوچ جا حامي آھيون. ھن اھي ڳالھيون پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو جي لاڏاڻو ڪري ويل سس جي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون. ھن چيو ته  اسان آزاد عدالتن ۽ آزاد پارليامينٽ جا حامي آھيون، 77 سالن کان ملڪ جي اندر اسٽيبلشمينٽ تجربا ڪري رھي آھي، قومن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن، ھاڻي اھي تجربا بند ٿيڻ گھرجن، پاڪستان ملڪ کي حڪمرانن ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي، ھي حڪمرانن صرف لٽ مار لاءِ اچن ٿا، قبضا گيري ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا. عوام عذاب ۾ مبتلا آھي، ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ قوم کي پينو فقير بنايو ويو آھي، ماڻھو بک، بدحالي آھي. هن چيو ته  مولوين کي اھو ڪو به حق ناھي ته  روادار سنڌ ۾ ويھي فتوائون جاري ڪن، اسرائيل کانسواءِ دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ مذھب جو سياست سان ڪوبه تعلق ناھي ، ھن چيو ته  مولوي صاحبان سڄي سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن، جيڪي چون ٿا ته  برمي، افغاني، بنگالي ھتي اچن اسان فلسفي کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نٿا ڪريون، سنڌ موھن جي دڙي کان سنڌين جو وطن آھي، ھن چيو ته  ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر واقعي جي پھرين ڏينھن کان مذمت ڪئي آھي، لاش ساڙڻ ۽ بي سبب قتل ڪرڻ جو پوليس کي ذميوار سمجھون ٿا، مڪمل جاچ ڪري جوابدارن کي ھٿڪڙيون ھڻي جيل ۾ وڌو وڃي. ھن چيو ته  پنجاب پنھنجا درياءُ کپائي ڇڏيا آھن ۽ ھاڻي اسان 6 ڪروڙ سنڌين جي واحد ذريعي سنڌو درياءُ تي قبضو ڪري ڊيم ۽ ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، جنھن لاءِ قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.