سکر/دادو/ميرواهه گورچاڻي (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي چونڊ ۽ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس سکر ۾ ٿي. سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته انتهاپسندي کي هٿي ڏئي سکر جي مسجد منزل گاهه جهڙا هڪ ڀيرو ٻيهر واقعا ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انتهاپسندي ۽ لاقانونيت کي سنڌ قبول نه ڪندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، اياز ڪلوڙ، منصور ٻپڙ، سرواڻ جتوئي، سچل ڀٽي، ذوالفقار ميراڻي، سرويچ سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي. سنڌ کي اسان پنهنجي جيجل ماءُ سمجهون ٿا. سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ جي سازش ڪندڙ ملڪ دشمن آهن. سنڌ جو عوام سنڌ ۾ قبضاگير غير ملڪين کي برداشت نه ڪندو. سنڌ ۾ ڌاريا آڻڻ سنڌي هندو لڏائڻ جي ڳالھ ڪندڙ سامراجي ايجنٽ آهن. انتهاپسند ريليون ڪڍي سنڌي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. غير مسلم ڀائرن کي ڌمڪين وارا وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيا پيا وڃن پر ايف آئي اي انهن انتهاپسندن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندن جي سرپرستي بند ڪئي وڃي. نفرت انگيز ريليون ڪڍي، ماڻهن جي لاشن کي باهيون ڏئي بي حرمتي ڪندڙ ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ختم ڪري سنڌو درياءَ تي ڌاڙن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هوڏانهن عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو ڪنوينشن ۽ سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس ٿي گذري. ڪنوينشن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماھ نور ملاح جي نگراني ۾ عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي نئين باڊي چونڊي وئي. عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو چونڊيا ويا. ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري رهي آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي،هنن چيو ته گورک هل اسٽيشن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي اليڪشن ۽ وسيلا بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس جو پروگرام ميرواھ ۾ ٿيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن لال جروار، عبدالرحمنٰ سمون ۽ سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماما اشرف رند جي نگراني ۾ ضلعي جي اليڪشن ٿي. جنهن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ ضلعي جي باڊي چونڊي ويئي. جنهن ۾ صدر مختيار خاصخصيلي، نائب صدر غفار ناريجو، جنرل سيڪريٽري اياز کوسو، جوائنٽ سيڪريٽري راڻو مل، خزانچي ميوا رام، پريس سيڪريٽري ممتاز جوڻيجو، آفيس سيڪريٽري امير بخش جروار، ليگل ايڊوائيزر رام چند ارجنا، ثقافتي سيڪريٽري رزاق جروار، ميمبرن ۾ رشيد خاصخيلي، ساجن ڪمار، اياز ڪلوئي، يعقوب ناريجو، پرڀو لال ميگهواڙ، رفيق ڪنڀر، برڪت شر ۽ شير شامل آهن. وسيلا بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس کي مرڪزي اڳواڻن لال جروار، عبدالرحمان سمون، نئين چونڊيل صدر مختيار خاصخيلي، اياز کوسو، وڪيل غفار ناريجو، محب ڀيل، اشرف رند، طالب جروار، ميوارام، رامچند ارجنا، اياز ڪلوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو طور انتهاپسندي ۽ ڌاڙيل گردي کي پروان چڙهايو ويو آهي. اتر سنڌ جي ضلعن ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جيڪب آباد تنگواڻي لاڙڪاڻي گهوٽڪي ۾ عوام امن امان لاءِ ريليون ڪڍي ڌرڻا هڻي رهيو آهي پر پوليس ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٻئي پاسي پوليس ڪوڙن مقابلن ۾ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪوڙي مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پ پ ملڪي صدارتي ڪرسي عيوض سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين، ڪارونجهر، ڪوئلو، سنڌو درياءَ سميت سمورا وسيلا تين وال ڪري رهي آهي. اهڙي عمل کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.