ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪو، ٻن چيني شهرين سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو ڌماڪي ۾ چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪري ورتي آهي.
گذريل رات جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي سگنل ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي گاڏين کي باهه لڳي ويئي.
ڊي آءِ جي اوڀر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سڪيورٽي، رينجرز ، پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن.
سنڌ جي گهرو وزير جو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته هن ڌماڪي جو نشانو پرڏيهي شهري هئا، حملي بابت اڳواٽ ڪو به ٿريٽ الرٽ نه هو.
ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي ( بي ايل اي ) ڌماڪي کي آپگهاتي حملو قرار ڏيندي ان جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
هوڏانهن ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اختيارين هنيئر تائين ان دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي ته حملو آپگهاتي هو يا نه.
وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان فون تي رابطو ڪري ايئرپورٽ ايندڙ ويندڙ رستا بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته واقعي جي هر رخ کان انڪوائري ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پڻ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.