غوثپور ۾ ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور ويجهو تنگواڻي لنڪ روڊ وٽان اڻڄاتل هٿياربندن هٿان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل گٽي برادري جا نوجوان منظور بگٽي ۽ اسد ﷲبگٽي بازياب نه ٿي سگهيا. وارثن پاران غوثپور لڪڙا هوٽل ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. مغوين جي وارثن صدر الدين بگٽي، مير لياقت بگٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 10 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون اسان جي مغوين کي انتظاميا اڃا تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهيرڳو دلاسا ڏيئي رهي آهي. ٻي طرف ڌرڻي واري هنڌ اي ايس پي عتيق الرحمان پهتو پر روڊ بلاڪ رکيو ويو. ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو نفري ساڻ ڪري مظاهرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو. ٻي طرف ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ساڻ ڪري جمال ڊيرا سرڪي شبير آباد ۽ ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو پوليس کي آپريشن ۾ ڪا به ڪاميابي ناهي ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.