وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: وولوارڊٽ ۽ تزمين جون ففٽيون، ڏکڻ آفريڪا جي ويسٽ انڊيز کي شڪست

دبئي(ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽِين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا وومينز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .
ويسٽ انڊيز پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 120 رنسون ٺاهيون، اسٽيفني ٽيلر 44 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ملابا چار وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا وومينز ٽيم 119 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان تي 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪپتان وولوارڊٽ 59 ۽ تزمين برٽس 57 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
شاندار بالنگ تي مالابا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.