ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وحيدي آرٽ پروڊڪشن جي باني ۽ چيئرمين ناليواري فلمساز ۽ آرگنائيزر سهيل ڪشميري سپر اسٽار مرحوم وحيد مراد جي 86 هين سالگرهه جي موقعي تي ” وحيد مراد اسٽائيل ايوارڊ “ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، وحيد مراد اسٽائيل ايوارڊ جي تقريب ايندڙ سال ڪراچي ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ فلم، ٽي وي، اسٽيج ماڊلنگ ۽ صحافتي شعبن سان واڳيل شخصيتن کي سندن شاندار خدمتن تي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.
پڌرائي موجب، ايوارڊ شو ۾ ليجنڊري فنڪارن کي ٽربيوٽ پڻ پيش ڪيو ويندو، تقريب ۾ فنڪار، گلوڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.