اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) آئيني ترميمي بل خلاف اڄ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو.
اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀينرن سميت جاڙن شهرن مان اٽڪل 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي خبيرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد اچي رهي رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صوبائي تنظيم جي اڳواڻ علي اصغر جو چوڻ آهي ته بُرهان انٽرچينج وٽ حڪومت روڊ کوٽي ڇڏيا آهن جنهن سبب کين اسلام آباد پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.
پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ پوليس اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا مک روڊن ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن.
هوڏانهن مقامي انتظاميا طرفان جمعي جي صبح ئي موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي هئي جيڪا هاڻ جزوي طور بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
پي ٽي آءِ لاهور ۾ به ڇنڇر تي مينارِ پاڪستان تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت صوبائي راڄڌاني لاهور سميت چئن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
Next Post
You might also like