فهيم اشرف پاڪستان ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) هانگ ڪانگ ورلڊ سپر سڪسز ٽورنامينٽ لاءِ آل رائونڊر فهيم اشرف کي پاڪستان ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آل رائونڊر فهيم اشرف هانگ ڪانگ ورلڊ سپر سڪسز ٽورنامينٽ ۾ ست رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جي قيادت ڪندو.
ٽورنامنيٽ 1 کان 3 نومبر تائين هانگ ڪانگ جي ڪولون ڪرڪيٽ ڪلب ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان سميت ڪُل اٺ ٽيمون حصو وٺنديون.
پاڪستان 1993 ۾ ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان هنيئر تائين چار ڀيرا ميگا ايونٽ جو فاتح ۽ پنج ڀيرا رنر اَپ رهيو .
پي سي بي طرفان اعلانيل پاڪستاني اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف ( ڪپتان ) عامر يامين، آصف علي، دانش عزيز، حسين طلعت، محمد اخلاق( وڪيٽ ڪيپر) ۽ شهاب خان شامل آهن، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف ٽيم جو مئينجر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.