حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته دنيا ۾ حڪومتون ئي فصلن جا امدادي اگهه مقرر ڪنديون آھن. پر پاڪستان ۾ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حڪومت فصلن جي امدادي اگهه مقرر ڪرڻ تان ھٿ کڻي وئي آھي ۽ هارين کي ھاڻ مڪمل طور تي واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. اجلاس ۾ ڪمند جي معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته شگرمل مافيا ھڪ ڀيرو وري آبادگارن کي رلائڻ جا منصوبا جوڙي رھي آھي، سنڌ آبادگار اتحاد سنڌو درياهه تي ڌاڙي هڻي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنال ۽ ڊيمن کي پڻ رد ڪندي چيو ته اھي منصوبا سنڌ دشمن آھن.آبادگارن چتاءُ ته ڪڻڪ جي قيمت في مڻ 4000 رپيا مقرر نه ڪئي وئي ته ايندڙ سيزن ۾ ڪو به ڪڻڪ جي پوکائي نه ڪندو. جنھن جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻھو ۽ حڪومت کي ئي پوندو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي آبادگارن چيو ته ھن سال ملڪ ۾ واڌو پاڻي ھجڻ باوجود سنڌ جي پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ آھي. رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنھن ۾ آبپاشي عملو ملوث آھي.