صدر زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم کي نشان پاڪستان سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. صدر آصف علي زرداري کيس نشان  پاڪستان سان نوازيو. تقريب ۾ سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. صدر آصف زرداري سان ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ واپار، معيشت، بينڪنگ سيڪٽر، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملائيشيائي وزيراعظم چيو ته شروعات ۾ پاڪستان وٽان هڪ لک  ٽن چانورن جي کيپ وٺنداسين، پاڪستان وٽان حلال گوشت جي برآمد کي 200 ملين تائين وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.