اسلام آباد(عمر چيما) ڪي پي پوليس پاران پي ٽي ايم جي جرڳي تي تشدد،خبر موجب پي ٽي ايم پاران ٽن ڏينهن لاءِ سڏايل پشتون قومي جرڳي تي پوليس چڙهائي ماڻهن تي سخت تشدد ڪيو،صوبائي حڪومت جو موقف آهي ته اسان وفاقي حڪومت جي چوڻ تي اها ڪارروائي ڪئي آهي،اها ڳالهه عجيب آهي ته ڪي پي پوليس ڪجهه عرصو اڳ فوج جي مقرري خلاف وڏا احتجاج ڪيا پر هاڻي ساڳي پوليس ان ئي فوج جي چوڻ تي پي ٽي ايم وارن تي لاٺي چارج ڪري رهي آهي،ان عمل ۾ پي ٽي آءِ وارا شريڪ جرم بڻجي سڄو ملبو وفاق تي ڪيرائي پنهنجي پاڻ کي معصوم ڪري پيش ڪري رهيا آهن،ڪي پي حڪومت ان عمل ۾ منافقت کان ڪم وٺي رهي آهي،پي ٽي آءِ وارا منظور پشتين کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهن ٿا، وفاق کي خطرو آهي ته ان جرڳي ۾ پاڪستان کان عليحدگي جو مطالبو ٿي سگهي ٿو،