ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انٽرميڊيٽ ۽ ميٽرڪ بورڊ عملدارن طرفان آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻنهي بورڊز جي آڊٽ آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس نثار احمد کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيو. انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊ آفيسر گذريل 10 سالن جي آڊٽ پيراز جا ورڪنگ پيپرز ۽ آڊٽ پيراز جا تفصيل نه ڏئي سگهيا جنهن تي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. نثار احمد کهڙي انٽر بورڊ جي آڊٽ آفيسر زاهد علي لاکي ۽ ميٽرڪ بورڊ جي آڊٽ آفيسر سيد شائق علي کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. چيئرمين عملدارن کي ايندڙ اجلاس ۾ آڊٽ پيراز ۽ ٻيا ورڪنگ پيپر آڻن جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پيش ڪيل هڪ ورڪنگ پيپر ۾ انٽر بورڊ ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 5 تائين ڀرتي ٿيل 11 ملازمن کي غيرقانوني پروموشن ڏئي 11 ملازمن تي 13.393 ملين رپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو. هڪ پيپر ۾ 18هين گريڊ جي ريٽائرڊ آفيسر کي 19 گريڊ جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ريسرچ جي پوسٽ تي هڪ سال لاءِ ڪانٽريڪٽ تي ٻيهر ڀرتي ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو، سندس پگهار جي مد ۾ کيس 23 لک رپيا جاري ٿيا.