فيض حميد سان رابطا،ڪاروباري شخصيت خلاف جاچ

اسلام آباد(عمر چيما) هڪ ڪاروباري شخصيت خلاف آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد سان رابطن جي جاچ جاري،خبر موجب هڪ ڪاروباري شخصيت شهزاد انٽرنيشنل جي شهباز  خلاف جاچ ڪئي وئي آهي ته هن جا جنرل فيض حميد سان ڪهڙي ڪاروباري معاملا هئا؟شهزاد انٽرنيشنل ۾ ملازمن جي اڪثريت رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ ملازمن آهي، ان ڪمپني 2017ع ۾ ڊي ٽي ايڇ پروجيڪٽ لاءِ واڪ(ٻولي) ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ آءِ ايس آءِ باقي هڪ چيني ۽ هڪ لاهور جي ڪمپني جي ٻولي رد ڪري اهو ٺيڪو شهزاد انٽرنيشنل کي ڏنو هو، ان پروجيڪٽ به اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي،اهي به اطلاع آهن ته ان ڪاروباري شخصيت کي جنرل فيض کي آمهون سامهون ويهاريو ويو،رڳو اهو هن جي حوالي سان جيترا به ماڻهو آهن انهن کي جنرل (ر)فيض جي سامهون ويهاري جاچ ڪئي  وئي،راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا کي به جنرل(ر) فيض جي سامهون ويهاري سوال جواب ڪيا ويا،اهي به اطلاع آهن ته 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي فيض حميد آڏو ويهاري چيو ويو ته هي توهان جي باري ۾ هي ڳالهه ڪن ٿا توهان جو ان باري ۾ ڇا جواب آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 04 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.