حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، شھري جان محمد لاکو پاران داخل ڪيل پٽيشن تي سول اسپتال حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ڊاڪٽر ستار جتوئي جي مقرري جو آرڊر معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 8 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ درخواستگذار پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته ستار جتوئي ھڪ جعلي ليٽر ذريعي اسپتال جي اڪائونٽ مان 350 ملين رپيا ڪڍرايا. جڏھن ته ڊاڪٽر ستار جتوئي خلاف نيب جي جاچ پڻ ھلندڙ آھي، ستار جتوئي کي غير قانوني طور 20 ھين گريڊ ۾ ترقي ڏئي ٻيھر ساڳئي عھدي تي مقرر ڪيو ويو آھي. پٽيشن ۾ اختيار ڪيل موقف موجب ستار جتوئي 2016ع کان 2023ع تائين ڄاڻايل عھدي تي مقرر رھيو، جنھن کي سکر ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عھدي تان هٽايو ويو ھو. عدالت پنھنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جي جاچ ھلندڙ ھئڻ باوجود سنڌ حڪومت اھڙي آفيسر کي ڪيئن مقرر ڪيو؟. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڊاڪٽر ستار جتوئي جي سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس طور مقرري جا آرڊر معطل ڪندي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.