بدترين تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي جي علائقي مارٽن ڪوارٽر ۾ موبائل چوري جي الزام هيٺ بدترين تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، جوابدار چوري جي الزام هيٺ مقتول زبير جا هٿ پير ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس موجب واقعو 22 سيپٽمبر جو آهي، علي رضا نالي ڇوڪري جو ننڍڙو ڪي پيڊ وارو موبائل چوري ٿيو هو، جنهن تي الزام ۾ علي رضا پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري زبير کي پڪڙي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو هو.پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تشدد دوران مقتول جي جسم جا مختلف حصا ساڙيا پڻ ويا، ٻئي طرف پوليس مقتول نوجوان جي مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.