اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير)اسلام ڪوٽ ۾ٿرڪول روڊ تي اينگرو موڙ لڳ ڪار ۽ شهزور ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، درد ناڪ حادثي ۾ زال مڙس سميت 3 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ ڳوٺ لوڻيون واسي صحت کاتي جو ملازم گلاب ميگھواڙ، سندس گهرواري شانتي ٻائي ۽ ڀاڻيجي 9 ورهين جي مسڪان ڌيءُ انيل ٿڏي تي فوت ٿي ويا، زخمين ۾ کٽو، هيرا، دانيش، نصر الله جوڻيجو، عطا محمد، مظهر محمد، جان محمد، سبحان، اسماعيل، دلشاد، ابوبڪر، علي نواز، اسحاق ۽ عبدالحق شامل آهن، جن مان 11 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي سميت حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٿر ڪول روڊ تي 3 ٽرالر گڏو گڏ اچي رهيا هئا، اور ٽيڪ دوران شهزور ۽ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، هوڏانهن ڳوٺ لوڻيون ۾ 3 مڙهه پهچڻ تي سموري ڳوٺ ۾ سوگ وارو ماحول ڇائنجي ويو ۽ سندن گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٻئي طرف ٿر جي عوام لاءِ پهتل ريسڪيو 1122 بي لاڀ بڻيل آهي ۽ صرف مٺي تائين محدود آهي، حادثي دوران ريسڪيو نه هجڻ سبب خيراتي ايمبولينس گاڏيون گهرايون ويون. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ٿرڪول روڊ تي مختلف 6 هنڌن تي وڌ کان وڌ حادثا پيش اچن ٿا، جتي اسپيڊ بريڪر ۽ آگاهي بورڊ لڳايا وڃن.