اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: عوامي تحريڪ

ڏوڪري (رپورٽ:مجاهد آفتاب قاضي) عوامي تحريڪ پاران مرڪزي آرگنائيزر وڪيل وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، قادر ڀٽو ۽ نور  نبي پليجو جي اڳواڻي ۾ تنظيمي دور دوران پريس ڪلب ڏوڪري جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي تحريڪ سنڌو تي ڌاڙا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ لاءِ ڪڏهن نون صوبن جا شوشا ڇڏي ٿي ته ڪڏهن مذهبي انتهاپسندي جي باھ ڀڙڪائي آيل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ چاهي ٿي. هڪ پاسي سنڌ جي زمينن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي پنجاب لاءِ ڇھ نوان ڪئنال کوٽائڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھن سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي مڪر ڪندي واڳ ڌڻين ھٿان سنڌ جي ڦر لٽ ۾ برابر جي شريڪ آهي تنهن ڪري ڪنھن کي ڪو اختيار ناهي ته هو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهھ ڪندڙن سان گڏ ويهي. امروٽ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل واقعي تي ڳالهائيندي ھنن چيو ته ان قسم جي واقعن ۾ رياست برابر جي شريڪ آهي. تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن کي انهن سازشن کي سڃاڻي ۽ وسيلن جي بچاءَ واري جدوجهد ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ دوست ڌرين جو ساٿ ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.