ڊيرا مراد جمالي ۾ قيدي تي حملو، 2 جوابدار مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

جيڪب آباد (رپورٽ سڪندر علي سرڪي)بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي ۾ عمراڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس پهري هيٺ ڪورٽ ويندڙ قيدي نظر محمد جمالي مارجي ويو، واقعي ۾  هڪ پوليس اهلڪار حبيب الرحمان ساسولي به شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 2 اهلڪار فائق علي ۽ برڪت تنيو زخمي ٿي پيا پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند باري شاخ جو رهواسي امداد عرف بائو جتوئي مارجي ويو ۽ ٻئي هٿياربند سهڻو جکراڻي کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. 3 هٿياربند زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو.

  1. جمالي برادري جو لاش رکي ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

جيڪب آباد (ڊ ر)واقعي خلاف جمالي برادري پاران مقتول قيدي نظر محمد جمالي جو لاش شاميانا ھڻي انڊس ھاءِ وي وٽ فيڊر پل  تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن ٽائرن کي باهيون ڏئي سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سعيد احمد، علي وارث جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته جيل کاتي جي پوليس اھلڪارن جي نااھلي سبب ھٿياربندن اسان جي قيدي نظر محمد جمالي کي پوليس اڳيان گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، ھنن چيو ته پوليس ھٿياربندن سان ٻٽ بڻيل آھي جيل کاتي جي پوليس اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ملوٽ اھلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو .

  1. هيجواڻي جمالي ۽ عمراڻي برادري جا ماڻهو مورچابند، علائقي ۾ خوف

جيڪب آباد : واقعي بعد ھيجواڻي جمالي برادري ۽ عمراڻي برادري مورچابند ٿي ويا آھن، خوف سبب علائقو ويران بڻيل آھي.

  1. اسلم عمراڻي جي پلاند ۾ نظر محمد مٿان حملو ٿيو: ڊيرا مراد جمالي پوليس

جيڪب آباد : رابطو ڪرڻ تي ڊيرامراد جمالي جي سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او قادر رند ٻڌايو ته عمراڻي برادري جي ھٿياربندن 3 مهينا اڳ قتل ٿيل اسلم عمراڻي جي پلاند ۾ قيدي نظر محمد جمالي مٿان حملو ڪري قتل ڪيو آهي. فائرنگ ۾ ڊسٽرڪٽ جيل جو ھڪ اھلڪار شھيد ۽ 2 اھلڪار زخمي ٿيا آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.