آئيني ترميمن جا معاملا 2 هفتن ۾ واضح ٿي ويندا: عرفان صديقي

اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ چيو آهي ته آئيني ترميمنجا معاملا 2 هفتن ۾ واضح ڪيا ويندا، جي يو آءِ سربراهه حمايت ڪئي ته آئيني عدالت هجڻ گهرجي. عرفان صديقي چيو ته مولانا فضل الرحمان کي اليڪشن بابت خدشا آهن، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته جيڪڏهن ووٽ ڪاسٽ ٿيو ته ان کي ڳڻائي نٿو سگهجي، مولانا فضل الرحمان سان منهنجي ملاقات غير سياسي آهي.  هن چيو ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو آهي، هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي ٿو، 50 سالن کانپوءِ ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ چيو ويو ته اسان غلطي ڪئي. هن چيو ته آئيني ترميم جو ججن سان ڪو به تعلق ناهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.